اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ع??اء?? الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي تي مٽيءَ اڏائڻ وارا اڄ مٽيءَ ويهارڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، تحريڪ انتشار گولي هلڻ جو ڪوڙو بيانيو ٺاهي رهي آهي، گولي هلي آهي ته ثبوت سامهون ڇو نه ٿا آڻين؟ ڊوڙون ڇو لڳايون؟ م??قع?? تان ڀڄي ويندڙ بهانا ٺاهي رهيا آهن. چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گليلن، بلورن، پٿرن، اسٽن گنز ۽ هٿيارن سان ليس شرپسندن 26 نومبر تي وفاق تي چڙهائي ڪئي، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو، ان نقصان جو مداوو ڪير ڪندو؟ شهيد جوانن جو رت ڪنهن جي هٿن تي ڳوليون. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف وٽ گولي هلڻ جو ڪو هڪ ثبوت آهي ته سامهون آڻي. هن چيو ته پرتشدد سياست ۽ پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، پنهنجي مٿان اٿندڙ سوالن جا جواب ڏين، الزام هڻي انهن کان منهن نه موڙين، 9 مئي سانحي جا سمو??ا ثبوت موجود آهن، تحريڪ انصاف جي پوري قيادت 9 مئي سانحي ۾ ملوث آهي.
9 مئي تي مٽيءَ اڏائڻ وارا اڄ مٽيءَ ويهارڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر