ڪراچي-15 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊن ۾ ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي ڪاميابي تي شڪر جو اظها?? ڪندي ان کي پارٽي تي عوام جي ڀرپور اعتماد ۽ حمايت ۽ جيالن جي محنتن جو ثمر قرار ڏنو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين ننڍي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميا?? ٿيل سمورن پارٽي اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ انهن ڪارڪنن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جن ڏينهن رات محنت ڪري چونڊن ۾ ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تير هليو آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا جيال?? کٽي ويا. هن چيو ته ننڍي مڪاني چونڊن جي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ت?? عوام هڪ ڀيرو ٻيهر نفرت ۽ ورڇ جي سياست کي رد ڪري بنا فرق جي عوامي خدمت کي چونڊيو آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ پ پ جي اميدوارن جي وڏي اڪثريت سان فتح به تاريخي اڳڀرائي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي نَون چونڊيل مڪاني نمائندن کي مخاط?? ٿيندي چيو ته کيس يقين آهي ته اوهان عوام جي اعتماد تي پورو لهندا. چونڊن ۾ ڪاميابي اوهان جي ڪُلهن تي وڏي ذميداري ۽ امتحا?? کڻي آئي آهي. اوهان کي محدود وسيلن ۽ وڏن مسئلن کي مُنهن ڏيڻو آهي، پر ان جو حل پارٽي ويزن ۽ اوهان جي محنت تي ٻَڌل آهي.
سنڌ ۾ ننڍي مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي عوام جي اعتماد ۽ جيالن جي محنت جو ثمر آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : پاور بال