اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چيني سفارتخاني ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ملاقات ڪئي جنھن ۾ ھن ڪراچي ۾ گارڊ جي فائرنگ سبب ٻن چيني ش??ري?? جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو اظھار ڪيو ۽ زخمي چيني ش??ري?? ۽ سندن گھرڀاتين سان دلي ھمدردي جو اظھار ڪيو. گھرو وزير محسن نقوي واقعي جي تف??يلن ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي بابت چيني سفير کي آگاهه ڪيو. گھرو وزارت جي ترجمان مطابق گھرو وزير محسن نقوي چين جي سفير، چيني حڪومت ۽ زخمي چيني ش??ري?? جي گھرڀاتين سان مڪمل يڪجھتي جو اظھار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لا??ِ دعا پڻ ڪئي آھي. سندس چوڻ آھي ته اسان ترقي ۽ سيڪيورٽي کي جامع ڪرڻ جي چيني تصور سان پوري طرح متفق آھيون، چيني ش??ري?? ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ اسان جي پ??ري?? ترجيح آھي. گھرو وزير محسن نقوي چيو ته سي پيڪ منصوبن ج?? سيڪيورٽي لا??ِ سمورن امڪاني قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بھتر ۽ مضبوط پڻ بڻائي رھيا آھيون ته جيئن چيني ش??ري?? لا??ِ محفوظ ۽ پرامن ماحول کي يقيني بڻائي سگھون. گھرو وزير چيو ته اسان ڪراچي واقعي ۾ ملوث ڏوھارين کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ بيھارينداسين، پاڪستان ۽ چين مضبوط ۽ پائيدار شراڪتدار آھن. ملاقات دوران ايندڙ وقت ۾ اھڙن واقعن کي روڪڻ لا??ِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو. چيني سفير چيو ته گڏيل ڪوششن سبب پاڪ چين دوستي مسلسل بلندي ڏانھن وڃي رھي آھي ۽ عملي سھڪار ۾ جامع اڳڀرائي ٿي آھي، ان روشني ۾ ھڪ محفوظ ۽ مستحڪم سھڪار جو ماحول انتھائي اھم آھي. ھن چيو ته چين ٻطرف?? سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستاني ادارن جي صلاحيتن ۾ اضافي لا??ِ تيار آھي. چيني سفير چين جي وزيراعظم جي پاڪستان دوري جي موقعي تي شاندار انتظامن تي گھرو وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو. چيني سفير صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صحت بابت پڻ پڇيو ۽ سندس جلد صحتيابي لا??ِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. چيني سفير ٻڌايو ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي صدر کي خط لکي نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو آھي. وفاقي گھرو سيڪريٽري ۽ چيني سفارتخاني جا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود ھئا.
وفاقي گھرو وزير جي چين جي سفير سان ملاقات، ڪراچي ۾ زخمي ٿيل چيني شھرين جي گھرڀاتين سان يڪجھتي جو اظھار
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2