اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معامل?? واري وفاقي وزير محسن نقويءَ سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سعودي عر?? جي شاهي خاندان ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سعودي سفير سان مُلاقات ۾ سعودي عر?? جي قومي ڏينهن تي سفير کي مبارڪون ڏنيون. وفاقي وزير مشڪل جي هر گهڙي ۾ ڀرپور سهڪار تي سعودي عر?? جي حڪومت ۽ سفير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سعودي عرب هر آزمائش ۾ پاڪستان جو پورو ساٿ ڏنو آهي، ٻوڏ هجي يا زلزلو، معاشي ڏکيائيون يا ڪو ٻيو معاملو سعودي عر?? جي ڀرپور سهڪار جو مثال نٿو ملي. محسن نقوي چيو ته سعودي عرب سان هر مسلمان کي خاص عقيدت آهي. هن چيو ته سعودي عرب مشڪلاتن ۾ پاڪستان سان ڀرپور ساٿ نڀايو آهي، هر پاڪستاني کي سعودي عرب سان تاريخي دوستي تي فخر آهي?? سعودي سفير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيون ٿا، پاڪستان اسان جو برادر ملڪ آهي.
وفاقي گهرو وزير جي سعودي سفير سان ملاقات، ملڪ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي شاهي خاندان ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی