ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زر??ار?? شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم شهيد?? ۽ ??نهن جي خاندانن جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بي مثال قربانين جي لاءِ احسانمند رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ شهيد جي گه?? ويو ۽ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ان موقعي ت?? شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ د??ا ڪئي، ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ مستونگ، بلوچستان حملي ۾ شهيد ٿيو هو. صدر آصف علي زر??ار?? چيو ته شهيد ذاڪر بلوچ قومي ذميواري سرانجام ڏيند?? شهادت ماڻي، پوري قوم شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پوري قوم شهيد?? ۽ ??نهن جي خاندانن جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بي مثال قربانين جي لاءِ احسانمند رهندي. صدر شهيد جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ وارثن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي د??ا ڪئي.
صدر آصف علي زرداري جي ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو