راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جن??ل سيد عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن سهولتڪارن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آ??مي چيف ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي وانا جو دؤرو ڪيو، جتي کيس سيڪيورٽيءَ جي موجوده صورتحال، دهشتگرديءَ جي خا??مي خلاف جاري آپريشنز ۽ ترقياتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. آفيسرن ۽ فوجين سان ڳالهائيندي آ??مي چيف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي اعليٰ سطحي تياري ۽ غير معمولي حوصلي جي تعريف ڪئي. آ??مي چيف سيڪيورٽي فورسز ۽ قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو، جن ڊيوٽي دوران پنهنجون جانيون ڏنيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ فوج قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن خا?? ڪري ڪي پي ڪي پوليس کي انهن جي سگهه وڌائڻ لاءِ مستقل مدد ۽ فني مدد فراهم ڪندي رهندي. آ??مي چيف ڏکڻ وزيرستان انٽيگريٽڊ ڊولپمينٽ پلان تحت امن برقرار رکڻ ۽ مختلف منصوبن کي اڳيان وڌائڻ ۾ ڪي پي ڪي جي عوام جي مُک ڪردار کي ساراهيو. هن ڪي پي ڪي جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ پاڪ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آ??مي چيف دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قبائلي اڳواڻن جي حمايت ۽ پاڪ فوج جي انهن جي پُختي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. وزيرستان آمد تي آ??مي چيف شهداء جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. وانا ۾ پشاور جي ڪور ڪمانڊر آ??مي چيف جي شاندار آجيان ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جو وانا جو دؤرو، دشمن قوتن ۽ سندن سهولتڪارن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي پُختي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری