اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سعودي بزنس فورم ۾ ٿيندڙ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نئين سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪئي آهي، هن سعو??ي عرب ک?? پاڪستان جي ايوي ايشن جي شعبي خاص طور ت?? پاڪستان جي عالمي هوائي اڏن جي ائوٽ سورسنگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب پڻ ڏني ۽ سعو??ي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت خاص طور تي علائقائي ۽ عالمي چئلينجز جي ۽ ويزن 2030ع جي حمايت سميت دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعو??ي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي سيڙپڪاري واري وزير ۽ سندس وفد ک?? پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چيو. سعودي وزير سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سعو??ي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي وزير جو هي دورو پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وسيع تر تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. وزيراعظم سعودي سيڙپڪاري واري وزير کي هلال پاڪستان ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏني جيڪو پاڪستان سعودي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ ان جي شاندار خدمتن جو اعتراف آهي. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان سعودي بزنس فورم ۾ ٿيندڙ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نئين سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪئي آهي، پاڪستان سان اقتصادي تعاون کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ سعو??ي عرب جي عزم کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم سعو??ي عرب جي پنهنجي تازي دورن ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته سعودي وزير جو هي دورو ڇهن مهينن جي اندر ٽيون اعليٰ سطحي دورو آهي جيڪو ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌندڙ رفتار جو ثبوت آهي. وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ روشني وڌي جيڪا پاڪستان ۾ غيرمل??ي سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ڪري رهي آهي. وزيراعظم سعودي وزير کي حڪومت جي نجڪاري پروگرام کان آگاهه ڪيو ۽ سعو??ي عرب ک?? پاڪستان جي ايوي ايشن جي شعبي خاص طور ت?? پاڪستان جي عالمي هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. وزيراعظم سعو??ي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت خاص طور تي علائقائي ۽ عالمي چئلينجز جي حوالي سان پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سعو??ي عرب جي ويزن 2030ع جي حمايت سميت دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۾ فلسطين، ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا جهڙن معاملن ??ي سعو??ي عرب جي موقف جي حوالي سان سعو??ي عرب جي قيادت کي ساراهيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سعو??ي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سعودي سيڙپڪاري واري وزير پاڪستان ۾ خاص طور تي کاڻين جي کوٽائي، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو ۾ اضافي جي حوالي سان سعو??ي عرب جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ج?? 27 ??فاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿي رهيون آهن اها سفر جي هڪ شروعات آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزير پڻ موجود هئا.
پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نئين سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ