رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو ??عا??لن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪچي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظتي قدمن جي ضرروت تي زور ڀريندي فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ڪرڻ ۽ آئنده لاءِ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سمورن ضروري قدمن ۽ ڪچي جي شرپسندن خلاف موثر ۽ جامع آپريشن جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري ب??ان موجب گهرو وزير جي صدارت هيٺ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير کي ڪچي جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي باري ۾ پنجاب پوليس، پنجاب رينجرز ۽ سنڌ پوليس طرفان بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير ڪچي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظتي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ??نتهائي افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي ۽ اسان جي 12 بهادر جوانن شهادت ماڻي آهي، گهرو وزير آئنده اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سمورن ضروري قدمن جي هدايت ڪئي ۽ ڪچي جي شرپسندن خلاف موثر آپريشن جو حڪم ڏنو. محسن نقوي چيو ته ??رپسندن سان لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو، حملي آورن کان بدلو وٺ?? لاءِ آخري حد تائين وينداسين، پنهنجي بهادرن جي رت جو بدلو وٺ?? تائين سک سان نه ويهنداسين. اجلاس ۾ آءِ جي پوليس پنجاب، ڊي جي رينجرز پنجاب، سي ٽي ڊي ??نجاب، پنجاب ۽ سنڌ پوليس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری