راولپنڊي -28 جولاءِ (اي پي پي) حڪومتي ٽيم ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، حڪومتي ڳاله??ن واري ٽيم ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو سينئر اڳواڻ طارق فضل چوڌري، وزيراعظم جو ميڊيا ڪو آرڊينيٽر بدر شهباز شامل آهن. جڏهن ته جماعت اسلامي جي وفد جي اڳواڻي لياقت بلوچ ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ ڳالهه ڪمشنر راولپنڊي جي آفيس آمد تي م??ڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ڳالهين کان پوءِ سمورن معاملن کان آگاهه ڪيو ويندو، اسان طرفان ڳالهين جي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويئي، اويس لغاري م??ڪ ۾ موجود ناهي، هو چ??ن ويو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان گڏجي ويهي ڳالهائينداسين، جماعت اسلامي جا بلن بابت معاملا آهن ان??ن جا خدشا ختم ڪنداسين. هن چيو ته 200 يونٽن تائين استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي اڳ ئي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي. حڪومت سولر پراجيڪٽس به شروع ڪري رهي آهي. ڊيزل ۽ تيل تي هلندڙ پلانٽس کي بند ڪيو ويندو، سولر ٽيوب ويل لڳڻ سان بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي ايندي. ان??ن قدمن جو مقصد سستي ۽ معياري بجلي پيدا ڪري بجلي جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ آهي.
حڪومتي ٽيم ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون، جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ويهي ڳالهائينداسين، انهن جا خدشا ختم ڪنداسين: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن