ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين ابوظهبي فنڊ فار ڊيولپم??نٽ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سيف السُويدي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم حڪومت پاران معاشي استحڪام جي لاءِ سڌاراجاتي قدمن تي روشني وڌي. ان موقعي تي ڳاله??ئي??دي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، گڏيل عرب امارات جي قيادت خاص طور تي شيخ محمد بن زيد النهيان ??ا ٿورائتا آهيون جنهن سد??ئي?? پاڪستان ??ي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏئي ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اماراتي ڪمپنين جي پاڪستاني ڪمپنين سان ??عاون سان ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملاقات ۾ وزيراعظم ابوظهبي فنڊز فار ڊيولپم??نٽ جي وفد کي پاڪستان ??چڻ جي دعوت پڻ ڏني.
حڪومت سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ریل رش