اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير عطاءُ ال??ه تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جا حملي آور اڄ ملڪي مفاد تي حملي آور آهن، ملڪي مفاد جي خلاف ڳالهه ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آهن، پنهنجي سياسي مفاد ۽ اناءَ کي ملڪي مفاد تي ترجيح ڏيڻ قابل مذمت ۽ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ڳال??ائ??ندي اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته تحريڪ انصاف اڳ ۾ ملڪي مفاد جي خلاف بيان ڏنو پوءِ ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو، اهو پي ٽي آءِ جو پراڻو شيوو آهي، انهن جو ليڊر اڳ ۾ ئي ڪرپشن جا ڪيس ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي دشمنن کي هضم نه پئي ٿئي، اهڙن عنصرن جي لاءِ هدايت جي دعا ڪريون ٿ??، ڪاش اهي ملڪ ??ي مفاد ۾ به ڳالهه ڪري سگهن. هن چيو ته سياسي مخالفت ۾ ملڪ ??شمني نامناسب آهي، توهان اسان تي تنقيد ڪريو پر پاڪستان تي تنقيد ناقابل برداشت آهي. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته اسان جا دوست ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون جي حمايت ۽ دوستي جو هٿ وڌائي رهيا آهن، پاڪستان انشاءَ ال??ه ترقي ڪندو، اسان پنهنجي دوست ملڪن سان رابطا وڌائينداسين.
9 مئي جا حملي آور اڄ ملڪي مفاد تي حملي آور آهن، ملڪي مفاد جي خلاف ڳالهه ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات