اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) ??طل??عات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن ۾ عوام جي فيصلي جي تڪميل جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو، چونڊيل حڪومت جي لاءِ چئلينجز به وڏا هوندا، نشريات جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر ترجماني ڪئي، نيوز ليٽر جاري ڪرڻ تي پي ٽي وي جي ادارتي ٽيم کي ??بارڪباد ڏيان ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي نيوز ليٽر جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير شاهه ۽ ??طل??عات ۽ نشريات واري وزارت جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته هڪ نشرياتي اداري پاران نيوز ليٽر جاري ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته مون صحافت جي شروعات پرنٽ رپورٽنگ سان ڪئي هئي، دي نيوز اخبار جي لانچنگ ٽيم جو حصو هئس جنهن جي پهرين اخبار 11 فيبروري 1991ع تي شايع ٿي. ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نشريات جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. جهڙي طريقي سان اسان ڊيجيٽل دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ان جا چئلينجز به ايترا ئي وڏا آهن، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڊيپ فيڪ، وائيس ڪلوننگ جهڙا وڏا چئلينجز م??جود آهن. هن چيو ته پي ٽي وي کي ??نهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ڊيجيٽل پراڊڪٽس جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نگران دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن غيرجانبدار قومي نشرياتي اداري طور تي ڪم ڪيو، پي ٽي وي ڪنهن خاص پارٽي، ڪنهن خاص سياسي نظريي ۽ ڪنهن خاص اميدوار جي حق ۾ ڪا مهم نه هلائي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام چونڊن ۾ پنهنجو فيصلو ڏنو آهي، ان فيصلي جي تڪميل جي لاءِ جلد قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جيئن ئي سرڪاري نتيجا جاري ڪندي، قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن چيو ته چونڊيل حڪومت جي لاءِ چئلينجز به وڏا هوندا. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جو بنيادي مقصد تبديل نه ٿيندو، پي ٽي وي عوام جي ٽيڪس جي پئسي سان هلي ٿي، پي ٽي وي عوامي مفاد کي ??ظر ۾ رکندي پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر ترجماني ڪئي آهي، پي ٽي وي کي ??نهنجو اهو مشن جاري رکڻو آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ ملتان ٽيليويزن سينٽر جي 24 ڪلاڪ نشريات شروع ٿي، بلوچستان ۾ پي ٽي وي بولان تي بلوچي ۽ براهوي زبانن سان گڏوگڏ هزارگي زبان ۾ پڻ پروگرام شروع ڪرايا. هن چيو ته پي ٽي وي جتي رياست جي ترجمان آهي اتي عوام ۽ عوامي مفاد جي پڻ ترجمان آهي، اداري جو سٺو مستقبل سٺي ڪارڪردگي سان واڳيل آهي، بهتر ڪارڪردگي، بهترين ٽي وي اسڪرين، بهترين پروگرام ئي عوام جي اعتماد جو سبب بڻجندا. ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير نيوز ليٽر جاري ڪرڻ تي ??طل??عات واري سيڪريٽري، ايم ڊي پي ٽي وي، پي ٽي وي انتظاميا ۽ ادارتي ٽيم کي ??بارڪباد ڏني.
چونڊن ۾ عوام جي فيصلي جي تڪميل جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ