اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪجهه سببن جي ڪري درآمدي کير تي پابندي نٿا لڳائي سگهون، ماءُ جي کير جو ڪو متبادل نه آهي، ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??ين??ٽ جي اجلاس ۾ ??ين??ٽر ثمينه ممتاز زهري جي ملڪ ۾ بي بي فارمولا کير ۽ ان سان لاڳاپيل مصنوعات جي پيداوار ۽ وڪري کي جامع ڪرڻ ۽ نوجوان مائرن ۾ ان جي محفوظ استعمال بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالا??ي واري وزارت جي ذيلي اداري پي ايس ڪيو سي اي جو ڪم درآمدي کير جي معيار کي چيڪ ڪرڻ آهي، کير ٺاهيندڙ ادارن جا پنهنجا قاعدا ۽ ضابطا آهن، حقيقت ۾ پاڪستان ۾ فارمولا کير تمام گهٽ پئماني تي تيار ڪ??و وڃي ٿو، اسان درآمدي کير تي ٽي ڪروڙ 40 لک ڊالر خرچ ڪريون ٿا، 1500 ٽن فارمولا ملڪ درآمد ڪريون ٿا، ڪجهه حالتن ۾ ماءُ اهو کير نٿي پياري سگهي، ڪيترين ئي صورتن ۾ ٻارن کي فارمولا کير پيارڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي هوندو، ماءُ جي کير جو ڪو متبادل نه آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سگريٽ سميت صحت جي لاءِ هاڃيڪار شين جي گهڻائي آهي، اسان جو مُلڪ کير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي آهي، معاشري ۾ ماءُ جو کير پيارڻ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ رٿ تي ??ين??ٽر ڊاڪٽر مهر تاج روغاني، ??ين??ٽر ڊاڪٽر زرقا سهروري تيمور، ??ين??ٽر فوزيه ارشد ۽ ??ين??ٽر علي ظفر پڻ خيالن جو اظهار ڪ??و.
ڪجهه سببن جي ڪري درآمدي کير تي پابندي نٿا لڳائي سگهون: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ