اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ نگران حڪومت جو مينڊيٽ آهي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ اليڪشن ڪمي??ن جي ذميواري آهي، ڪنهن سياسي پارٽي سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو، چونڊن جي لاءِ سمورين سياسي پارٽي?? کي هڪ جهڙا موقعا ??يسر آهن. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، وسيلا به موجود آهن، سيڪيورٽي به آ??ي ۽ انتظامي مدد به آ??ي، اليڪشن ڪمي??ن جيڪا تاريخ ڏيندي ان تي چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪمي??ن جي هدايتن تي عمل ڪرائڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد تي اعتراض غلط آهن، جيڪڏهن ان جي وابستگي هجي ها ته هو ٽن چئن مهينن جي لاءِ وزير ڇو بڻجي ها؟. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري ختم ٿيندي ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي ريليف به ملندو. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ نجڪاري جا جيڪي منصوبا منظور ٿيا انهن تي ڪم ڪري سگهون ٿا.
ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ڪنهن سياسي پارٽي سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس