اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ٻئي ڀائر ملڪ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا رکن ٿا ۽ مختلف ع??ائقائي ?? عالمي مسئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. ايوان صدر جي پري?? ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس مل??قات ڪئي. پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ مل??قات ۾ موجود هو. مل??قات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر چ??و ته پاڪستان سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي ڇو ته ملڪ ۾زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت موجود آهي. هن چ??و ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي اهي ته جيئن فيصلاسازي کي تيز ڪرڻ ۽ چار اهم شعبن ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪم ڪري سگهجي. ڊاڪٽر عارف ع??وي چ??و ته پاڪستان سعودي عرب جا مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ مختلف ع??ائقائي ?? عالمي مسئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفا اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چ??و ته ٻنهي ملڪن جي فوجي قيادت جي اعليٰ سطحي مٽاسٽا سان دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن کي ساراهيو. هن چ??و ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آيا ۽ ان سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي به ايندي. صدر چ??و ته سعودي عرب پاڪستان کي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي. ان موقعي تي سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي چ??و ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ م شروع کان ئي مختلف شعبن ۾ ويجها لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ چ??و ته سعودي عرب جو ويزن 2030ع پاڙيسري ملڪن سان گڏوگڏ اسلامي دنيا ۾ پڻ خوشحالي آڻيندو.
پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔