اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ح??ومت سپريم ڪورٽ جي ني?? ترميم ڪيس جي حوالي سان تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي، تفصيلي فيصلو ملڻ تي قانون واري وزارت ۽ اسان جا قانوني ماهر ان جو جائزو وٺندا، بجيٽ ۾ چونڊن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي، چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون ??موريون ??رورتون پوريون ڪيون وينديون. اها ڳالهه هن توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر س??ن گڏ پريس ڪانفرنس دوران چئي. ني?? ترميمن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ح??ومت سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي، تفصيلي فيصلو ملڻ تي قانون واري وزارت ۽ اسان جا قانوين ماهر ان جو جائزو وٺندا ۽ ان جي روشني ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجيٽ ۾ چونڊن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي، هن وقت تڪبندين جو ڪم هلي رهيو آهي، اسان جي ڪمٽمنٽ آهي ته چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي ۽ مالي وسيلن سميت سموريون ??رورتون پوريون ڪيون وينديون.
حڪومت سپريم ڪورٽ جي نيب ترميم ڪيس جي حوالي سان تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ