اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا قانون ۾ ترميم کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي ??يو آهي ته ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪو آهي، پيمرا آرڊيننس 2002ع کانپوءِ پهريون ڀيرو پيمرا قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، پيمرا بل جي 9 شقن ۾ ترميم جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آهي، پهريون ڀيرو صحافين کي ڪا??ونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايتون داخل ڪرائڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، اڳ ۾ صحافي کي پگهار گهرڻ تي نوڪري مان ڪڍيو ويندو هو، بل تحت ڪنهن به چينل کي بند ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين بدران ٽي رڪني ڪميٽي وٽ ويندو، بل جي تياري ۾ 13 مهينن جو عرصو لڳو، ان دوران سڀني ڌرين سان ڊگهي مشاورت ڪئي ??ئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پيمرا ترميمي آرڊيننس 2023ع جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بر??فنگ ڏيندي ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن نفيسا شاهه، زيب جعفر، ناز بلوچ سميت اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پيمرا چيئرمين سليم بيگ ۽ ڊي جي ريڊيو طاهر حسن شرڪت ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2023ع ۽ پريس ڪا??ونسل آف پاڪستان ترميمي بل 2023ع تي غور ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا ترميمي بل 2023ع جي مقصدن تي بر??فنگ ڏيندي ??يو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع کانپوءِ پيمرا قانون ۾ پهريون ڀيرو ترميم ڪئي پئي وڃي. هن ??يو ته ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪو آهي. پيمرا قانون ۾ ترميم وقت جي ضرورت آهي. هن ??يو ته پيمرا ترميمي بل 2023ع جي تياري ۾ 13 مهينن جو عرصو لڳو، ان دوران سمورين ميڊيا تنظيمن ۽ ميڊيا هائوسز جي مالڪن سان ڊگهي مشاورت جو سلسلو جاري رهيو. هن ??يو ته پيمرا ترميمي بل تحت پهريون ڀيرو صحافين کي شڪايت ڪا??ونسل ۾ پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، ان کان اڳ صحافي کي پگهار گهرڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويندو هو. هن ??يو ته اڳ ۾ ڪنهن به چينل کي بند ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين وٽ هو، هاڻي هن قانون تحت اهو اختيار ٽي رڪني ڪميٽي وٽ هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ماضي ۾ پي ايم ڊي اي جهڙا ڪا??ا قانون آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ??ئي. هن ??يو ته فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جي تشريح بل ۾ شامل ڪئي وئي آهي. ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن تي جدا جدا ڪم ڪيو ويو. هن ??يو ته ڄاڻي واڻي غلط خبر هلائڻ تي 10 لک روپيا ڏنڊ کان وڌائي هڪ ڪروڙ رپيا هوندو. هن ??يو ته اڳ ۾ ڪنهن چينل تي غلط خبر هلي ته اهو ??يو ويندو هو ته صحافي اها خبر ذاتي حيثيت ۾ ??ني?? هاڻي ان کي چينل سان ڳنڍيو ويو آهي. هن ڪميٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ته پيمرا قانون جي 9 سيشنز ۾ ترميم جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آهي. پيمرا بل ۾ پيمرا قانون جون شقون 2، 6، 8، 11، 13، 24، 26، 27، 29 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان بل ۾ 20، 20 اي، 29 اي، 30 بي، 39 اي جي نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آهي. هن ??يو ته بل جي مُنڍ ۾ خبر جي جڳهه تصديق ٿيل خبر، تحمل ۽ برداشت، معاشي ۽ توانائي جي ترقي، ٻارن بابت مواد جا لفظ شامل ڪيا ويا آهن. بل تحت عوام جي تفريح، تعليم ۽ معلومات جي دائري کي وسيع ڪيو ويو آهي. هن ??يو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تصديق ٿيل خبرن، معاشري ۾ تحمل ۽ برداشت جي فروغ جو مواد پنهنجي نشريات ۾ استعمال ڪندو. عوامي ترقي، توانائي، معاشي ترقي بابت مواد به نشريات ۾ شامل ڪيو ويندو. وفاقي وزير ??يو ته بل ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ملازمن جي وقت سر پگهارن جي ادائيگي جو پابند بڻايو ويو آهي. وقت سر ادائيگي مان مراد اليڪٽرانڪ ميڊيا ملازمن کي ٻن مهينن جي اندر ڏني ويندڙ ادائيگيون آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيمرا ۽ شڪايت ڪا??ونسل جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي جي سمورن فيصلن، حڪمن جي پاسداري جو پابند بڻايو ويو آهي. هن ??يو ته پگهارن جي عدم ادائيگي تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتي اشتهار لاڳاپيل اليڪٽرانڪ ميڊيا کي فراهم نه ڪيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته براڊ ڪا??ٽ ميڊيا لائيسنس 20 سالن جي لاءِ ۽ ڊسٽري بيوشن لائيسنس 10 سالن جي عرصي لاءِ هوندا. هن ??يو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي معمول جي پروگرامن دوران اشتهارن جو وقت 5 منٽن کان وڌيڪ نه هوندو. هن ??يو ته آرٽيڪل 19 جي خلاف ورزي جي زمري ۾ ايندڙ خلاف ورزي هن بل تحت (سنگين خلاف ورزي) تصور ٿيندي. مريم اورنگزيب ??يو ته هي هڪ تاريخي بل آهي. پيمرا قانون ۾ پهريون ڀيرو پي ايف يو جي ۽ پي بي اي کي نمائندگي ڏني وئي آهي. جڏهن ته ٽي وي چينلز جي ضابطاڪار ۾ (ڊس انفارميشن) نشر نه ڪرڻ جو شرط به شامل ڪيو ويو آهي. هن ??يو ته عوام، ادارن ۽ ٻين شڪايتن جي ازالي لاءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارين حڪومتن ۾ شڪايت ڪا??ونسلز ٺاهيون وينديون. شڪايت ڪا??ونسلز اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي حڪومتي پاليسي، وقت سر پگهارن جي ادائيگي کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. شڪايت ڪا??ونسل هڪ چيئرمين ۽ 5 ميمبرن تي ٻڌل هوندي. ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو مدو 2 سال هوندو. هن ??يو ته پيمرا جي فيصلن جي خلاف ورزي لاڳاپيل صوبي جي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهجي ٿي. ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبر نفيسا شاهه ??يو ته بل ۾ ترميم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اسان کي وقت ڏنو وڃي، جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته بل جي حوالي سان سڀئي شيون توهان کي ڏنيون ويون آهن، هن بل ۾ 9 ترميمون ڪيون ويون آهن جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آهي. نفيسا شاهه ??يو ته ڪنهن به بل جي تياري ۾ حڪومت هڪ سال لڳائي ڇڏيندي آهي پر ڪميٽي کي ??يو ويو آهي ته اسان وٽ هڪ ڏينهن جو وقت آهي. ڪميٽي ميمبرن کي به وقت ڏنو وڃي ته جيئن ڄاڻايل بل کي پرکي سگهجي. ڪميٽي جي ميمبر زيب جعفر ??يو ته بل کي ڪميٽي ۾ منظور ڪيو وڃي.
پيمرا قانون ۾ ترميم وقت جي ضرورت آهي، ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری