ابوظهبي – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عر?? امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ابوظهبي محل پهچي ويو. گڏيل عر?? امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد ا??نه??ان وزيراعظم جو محل پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عر?? امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد ا??نه??ان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد ا??نه??ان جي ل??ڏاڻي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عر?? امارات جي صدر جي ڀاءُ جي ل??ڏاڻي تي پوري پاڪستاني قوم پاران افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي مضبوط لاڳاپا قائم آهن. گڏيل عر?? امارات جي صدر ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ۾ مضبوط سفارتي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي دوري جي موقعي تي ابوظهبي محل پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث