فيصل آباد – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ وا??ي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو. هن مفت اٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ وا??ي مرڪز جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزي?? پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم پاڻ به مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا ۽ ان موقعي تي عورتن کان اٽي جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن بابت معلوم ڪيو، عورتن مفت اٽي جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم مفت اٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد جي 11 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي مفت اٽي جا ٿيلها فراهم ڪيا پيا وڃن، فيصل آباد جي 5 تعلقن ۾ روزانو هڪ لک 25 هزار ٿيلها ڏنا پيا وڃن ۽ هر خاند??ن کي 10 ڪلوگرام اٽي جا ٽي ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن، مفت اٽو 25 شعب??ن کان 25 رمضان تائين فراهم ڪيو پيو وڃي. ملڪي تاريخ م پهريون ??ير?? غريب عوام جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران مفت اٽي جي فراهمي جاري آهي. عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.
وزيراعظم پاران فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو، اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت