اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيلي ميل جي معذرت مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي، شهب??ز شريف تي ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، معافي ڊيلي ميل کي نه عمران خان ۽ شهزاد اڪبر کي وٺڻ گهرجي، جن ڊيوڊ روز کي ڀر ۾ ويهاري شهب??ز شريف جي خلاف سازش ڪئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڊيلي ميل جي معافي سان رڳو شهب??ز شريف نه پر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام سرخرو ٿي آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر شريف خاندان تي بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام هنيا، عمران خان 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو. هن چيو ته عمران خان نيب جو ريفرنس ڊيلي ميل وارن جي حوالي ڪيو هو، عمران خان ڊيوڊ روز کي گهرائي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري شهب??ز شريف جي خلاف سازش ڪئي ۽ ان کان ٽاڪ شوز ڪرايا، هي چوندا هئا ته شهب??ز شريف زلزلي سٽيلن جا پئسا کائي ويو، هنن ان شخص ت?? الزام هنيا جنهن 10 سال پنهنجي رت پگهر سان ??نج??ب کي ترقي ڏني. هن چيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر ماڻهن جا پٽڪا لاٿا، انهن تي الزام هنيا، ڊيلي ميل جيڪي الزام هنيا ان تي هي عدالت ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهب??ز شريف جي خلاف پورو ڪيس ٽرائل مان گذريو جنهن کانپوءِ ڊيلي ميل شهب??ز شريف کان غيرم??رو?? معافي ورتي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي مسلم ليگ (ن) جا سمورا اڳواڻ ڪرپشن جي ڪوڙن الزامن مان سرخرو ٿي رهيا آهن.
ڊيلي ميل جي معذرت مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي، معافي ڊيلي ميل کي نه عمران خان ۽ شهزاد اڪبر کي وٺڻ گهرجي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : رومن دولت