اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه پاران ٻوڏ مت??ثر??ن جي وقت سر مدد ۽ تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي، ٻوڏ ۽ برساتن سان جيتري تباهي ٿي ايتري پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺي، دوست ملڪن جي مدد سان ان جو مقابلو ڪنداسين. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ترڪيه جي وفد سان ڳالهائيندي وقت سر امداد تي ترڪيه جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ترڪيه جي وفد ??فت سٽيل پاڪ??تا?? سان گڏ بيهڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو جي قيادت ۾ ترڪيه جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ??تا?? جي ٻوڏ مت??ثر??ن سان ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جي تعزيت ۽ يڪجهتي جي جذبن جو اظهار ڪيو ويو. سليمان سوئيلو ملڪ ۾ سمورن حصن خاص طور تي سنڌ، بلوچ??تا??، خيبرپختونخواهه ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ تباهي آڻيندڙ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر عوام جي ريسڪيو ۽ ريليف ۽ تباهه ٿيندڙ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي ڀرپور امدادي ڪاررواين کي ساراهيو. هن خاص طور تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت في متاثر خاندان 25000 رپين جي هنگامي رقم جي فراهمي تي حڪومت کي ساراهيو. هن ان روڪ رقم جي منتقلي جي پروگرام کي مستقل بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ٻوڏ مت??ثر??ن جي وڌ کان وڌ مدد ڪري سگهجي ۽ ٻوڏ کانپوءِ سماجي سطح تي متوقع نقصان کان بچي سگهجي. سليمان سوئيلو ترڪ حڪومت ۽ عوام پاران پاڪ??تا?? حڪومت جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ مالي تعاون ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف تباهي آنيندڙ قدرتي ??فت جي ان گهڙيءَ ۾ پاڪ??تا??ي عوام جي لاءِ همدردي جي جذبن ۽ حمايت تي ترڪ قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته ترڪيه سان اسان جي لاڳاپن کي منفرد اهميت حاصل آهي، هو اسان جو دوست ۽ ڀائر ملڪ آهي، 27 آگسٽ تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان مون کي فون ڪري ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي مڪمل تعاون ج خاطري ڪرائي. اسان ترڪيه جي عوام جا ٿورائتا آهيون جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪ??تا?? جي ڀرپور مدد ڪئي. ترڪيه جي ڪاروباري طبقي ۽ ٻين ادارن پاران به امدادي سامان مليو آهي. وقت سر امداد تي ترڪيه جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. ترڪ صدر سان ٽيليفون ڪال جي فوري پوءِ امدادي سامان کڻي ترڪيه مان جهاز پاڪ??تا?? پهچڻ شروع ٿيا. 2 ٽرينون به سامان کڻي اچي رهيون آهن. هن اسان کي خيما، دوائن، خوراڪ سميت ٻيو سامان ڏنو جيڪو اسان مت??ثر??ن ۾ ورهائي رهيا آهيون. وزيراعظم ٻڌايو ته چئني صوبن، گلگت بلت??تا?? ۽ ڪشمير ۾ طوفاني برساتن ۽ بوڏ سبب ڪجهه علائقا متاثر ٿيا. اهي برساتون 40 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ هيون. هن وفد جا پاڪ??تا?? اچڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته اهو هڪ شاندار پيغام آهي. پاڪ??تا?? جي عوام خيرسگالي جي ان جذبي کي ساراهي ٿي. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ برساتن سان 300 ٻارن سميت هڪ هزار ماڻهو فوت ٿيا. لکين ماڻهو بي گهر ۽ کليل آسمان هيٺ راتيون گذارڻ تي مجبور آهن. لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل کي نقصان پهتو. لائيو اسٽاڪ کي شديد نقصان پهتو. مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي تباهي ناهي ڏٺي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ترڪيه سميت دوست ملڪن جي مدد سان اسان ٻوڏ مت??ثر??ن جي بحالي ۾ ڪامياب ٿينداسين.
ترڪيه پاران ٻوڏ متاثرين جي وقت سر مدد ۽ تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد