اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي هڪ وڏو چئلينج آهي، ??يوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي سهولت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سي ڊي اي چيئرمين، ڪا??سيٽس، نسٽ ۽ نيشنل ڪا??يج آف آرٽس جي سينئر انتظاميه شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي آزاداڻي چرپر ۾ ڪيترين کي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ??ڪاوٽن جي ڪري خصوصي ماڻهن ڪيترن ئي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو نٿا وٺي سگهن، ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته ڪا??رباري برادري ۽ ايوان صنعت ۽ واپار خصوصي ماڻهن جي سهولت لاء?? تجويزن تي عمل لاءِ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري، هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي سهولت لاءِ معاشري جي سمورن طبقن جي سماجي طور تي ذميداراڻي شرڪت جي ضرورت آهي، ??جلاس ۾ نسٽ، ڪا??سيٽس ۽ اين سي اي جي فن تعمير جي ڊپارٽمنٽس طرف مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون، اجلاس ۾ وفاقي گادي واري شهر جي ايف سڪس، ايف سيون ۽ آءِ ايٽ مرڪز کانسواءِ اسلام آباد ۾ عمارتن کي خصوصي ماڻهن لاءِ پهچ جوڳيون بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. صدر سي ڊي اي چيئرمين کي يونيورسٽين جي تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
خصوصي ماڻهن جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي هڪ وڏو چئلينج آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات