اسلام آباد – 10 – سيپ??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صح?? ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي، ان منصوبي تي ??مل??رآمد کي موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ صح?? ڪارڊ جي فراهيم بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صح?? واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، خيبرپختونخواهه جي صح??/ ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ اتڪل 4 ڪروڙ صح?? ڪارڊ ورهائڻ جو عمل 31 ڊسمبر کان شروع ڪري مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو، ان سهولت جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل ??مل??ارن کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي کي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم صح?? ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز ??هي. هن چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن تائين صح?? جون معياري سهولتون نه رڳو اسان جي ذميواري آهي پر اسان جي ترجيحن جو به واضح مظهر ??هي. هن چيو ته صح?? ڪارڊ قدم جي ڪري جتي معاشري جي ڪمزور طبقن کي صح?? جون معياري سهولتون ملنديون اتي اس??تا??ن جي شعبي خاص طور تي نجي شعبي کي هٿي ملندي. وزيراعظم صح?? وارن وزيرن کي هدايت ڪئي ته مختلف اس??تا??ن ۾ صح?? ڪارڊ ذريعي جتي هڪ جهڙي معياري سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته اس??تا??ن م ايندڙ ماڻهن خاص طور تي گهٽ تعليم يافته ماڻهن جي مناسب رهنمائي ڪئي وڃي. صح?? ڪارڊ جي ذريعي معياري سروس کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولت مان فائدو کڻندڙن جي فيڊ بيڪ کي نظام جو مستقل حصو بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ڏکيائي کي وقت سر ختم ڪري سگهجي. وزيراعظم منصوبي تي ??مل??رآمد کي موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
صحت ڪارڊ جي فراهمي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قدم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج