اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي الڪيشن ۾ پي ٽي آءِ جو ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان ڪو به مقابلو ئي نه هو، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو سدائين ٻي، ٽئي نمبر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ مقابلو رهندو، بلاول ص??حب ته گلگت بلتستان ۾ به ائين ئي زودار تقريرون ڪندو رهيو هو اتي به شڪست ملي ۽ آزاد ڪشمير ۾ به منهن لڪائيندو گهمي رهيو آهي، اڄ ٻئي پارٽيون ڌانڌلي جو روئڻو روئي رهيون آهن، ڇا ٻنهي پارٽين جي کٽيل سيٽن تي ڌانڌلي ناهي ٿي؟ بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ماضي وانگر چونڊن ۾ به ن ليگ وانگر پيپلزپارٽي به خوب پئسو لڳايو، سندن خيال ??و ته اسان کٽي پئ??و ٺاهي وينداسين، پيپلزپارٽي پاڪستان ۾ ته پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪجهه نه بگاڙي سگهي، آزاد ڪشمير ۾ به ڪجهه بگاڙڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، هن چيو ته بلاول ص??حب، ڪهڙين مخالف ڌر پارٽين جي ڳالهه ڪري رهيو آهين، ٽئين نمبر تي ن ليگ آهي ۽ توهان ته ن ليگ اتحاد ک??ن مرضي سان ڌار ٿيا هئا، هاڻي ڪيئن اڇليل ٿُڪ کي چٽيندا، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ص??حب، اهو ٻڌائي ته سنڌ حڪومت ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزير بڻائڻ جو ڪهڙو اگهه آهي؟ هن چيو ته پيپلزپارٽي جيڪڏهن جمهوري ۽ پارلياماني سياست ڪندي ته پي ٽي آءِ ان جي آجيان ڪندي.
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي الڪيشن ۾ پي ٽي آءِ جو ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان ڪو به مقابلو ئي نه هو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز