اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستا?? ۽ ??کڻ آفريقا جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ آفريقا سان واپاري، سيڙپڪاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جنرل رڊزيني مفوانايا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستا?? ۽ ??کڻ آفريقا جي وچ دفاعي ميدان ۾ بهترين لاڳاپا آهن جنهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. پاڪستان پنهنجي ”لڪُ افريقا“ پاليسي تحت ڏکڻ آفريقا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فوجي ۽ سياسي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ان جي ڪاميابي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ??در ڀارتي ??ير قانوني والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ڀارتي ??يڪيورٽي فورسز پاران انساني حقن جي پائمالين تي ??ه روشني وڌي. هن چيوته ڀارت بي گ??اهه ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري انهن جي نسل ڪشي ۽ آبادياتي ??ناسب تبديل ڪرڻ لاءِ غير ڪشميرين کي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهيو آهي، عالمي برادري ڀارتي والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ??ملدرآمد ڪ??ائ??. ان موقعي تي ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز چيو ته پاڪستا?? ۽ ??کڻ آفريقا جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان ڏکڻ آفريقا سان واپاري، سيڙپڪاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار