اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ڏورانهن ??لائقن جي آبادي کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيلي ميڊيسن ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ هيلٿ پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرور?? آهي، مصنوعي ذهانت جي استعمال سان ڊيٽا جي تجزئي ۽ وبائي بيمارين جي اڳڪٿي ڪري سگهبي. هو پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ خدمتن جي فراهمي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو نيشنل هيلٿ سروس، ر??گوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر خواجه، ڪنسلٽنٽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تانيه ايدرس، ڊائريڪٽر ج??رل هيلٿ ڊاڪٽر رانا محمد صفدر، ڊائريڪٽر ج??رل اين آءِ ٽي بي فيصل اقبال ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروس، ر??گوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران ٽيلي هيلٿ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ سروسز جي فروغ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون.
صدر پاران ڏورانهن علائقن ۾ ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪس قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ