اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??ري??نڪا جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ري??نڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر جنرل شوندراسلوا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ??ري??نڪا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي متقفه راءِ رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪستان ٻڌ سياحن جي لاءِ هڪ پرڪشش منزل آهي، ??ري??نڪا جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ مذهبي ۽ قدرتي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي. صدر عارف علوي ??ري??نڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر ڱي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ??ام??ابين جي باري ۾ آگ??هه ڪيو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن