اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪستان سميت پوري خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون، ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب ۽ مذهبي انتهاپسندي جي سياست ترڪ ڪر??، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، دفاعي شعبي ۾ ڀاڻڀرو ٿيڻ جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون، اسلامو فوبيا جو متحد ٿي مقابلو ڪيو وڃي. اهڙا خيال هن پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سا?? پريڊ کي خاص مهمان جي حيثيت سا?? خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته پوري قوم سميت پاڪستاني فوج کي پاڪستان جي ڏهاڙي جي مبارڪ هجي، پريڊ ۾ شرڪت ڪندڙ دوست ملڪن ۽ هوابازن جو ٿورائتو آهيان. هي ان ڳالهه جو دليل آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دوست ملڪ اسان سا?? گڏ آهن، هن چيو ته يوم پاڪستان هند جي مسلمانن جو ڌار تشخص ۽ مذهبي آزادي جي وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي. اها پهرين جامع دستاويز هئي جنهن جي بنياد تي هندستان جي مسلمانن جي مستقبل ۽ آزادي جو تعين ڪيو ويو، علامه اقبال جي فڪر ۽ قائداعظم جي قيادت ۾ 7 سا??ن ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. صدر چيو ته علم??، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ ترقي سا?? گڏوگڏ دفاعي شعبي ۾ خود انحصاري جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون. پاڪستان ايٽمي قوت آهي. هن چيو ته اسان جون دلير ۽ بهادر فوجون اسان جي خودداري ۽ غيرت جي عڪاس آهن. هٿياربند فوج جي ملڪ جي دفاع لاءِ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جنگ هجي يا افراتفر??، اندروني امن ۽ امان، حادثن يا قدرتي آفتن جي صورتحال هجي هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي . صدر چيو ته پاڪ فوج جا جوان پهاڙن، صحرائن، دريائن ۽ فضائن ۾ ملڪي دفاع لاءِ ڏينهن رات چُست ۽ چالاڪ آهن. پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، آپريشن رد الفساد ۾ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي مٽي ۾ ملائي ويو، جنهن جو دنيا اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ڪورونا وبا درپيش آه??، اسان خصوصي آگاهي، نظم ۽ ضبط ۽ ذميداري سا?? مزدور جو احساس ڪندي ان وبا جو مقابلو ڪيو، اسان ڪورونا وبا تي جلد ضابطو آڻي وٺنداسين تنهن هوندي به احتياط ضروري آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون، دنيا جون حالتون تيزي سا?? بدلجي رهيون آهن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ حرفت ۾ ترقي سا?? گڏوگڏ سفارت ۽ معيشت جي شعبن ۾ تيزي سا?? تبديليون رونما ٿي رهيون آهن، اسان کي پنهنجي ملڪ کي اسلامي ورثي، قومي نظريات ۽ روايتن جو مان رکندي ترقي ۽ جدت کي استعمال ۾ آڻي اسلامي فلاحي جمهوري مملڪت بڻائڻ آهي.
اسان پاڪستان سميت پوري خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون: صدر
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II