اسلام آباد – 25 فيبر??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ت?? پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي آئيني، بنيادي ۽ جمه??ري حق تي پڪو يقين رکي ٿي. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي عهديدارن سان وڊيو ڪانفرنس ذريعي اجلاس کي صدارت ڪندي چئي. وڊيو لنڪ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ايف ايم ريڊيو لائ??نس ۽ نيشنل ڊجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع تي مشاورت ٿي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ آزادي، صحافت جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان کي معاملن ۾ شفافيت کي يقيني بنائڻو آهي. مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام