اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جاپان پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپاني سفير ڪوني اوري ماتسودا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر جاپان جي بادشاهه ناروهين تو جي سالگرهه تي جاپاني سفير کي مبارڪباد جو پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مختلف شعبن ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پاڪستان انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي عمل ۾ خدمتن جي ڪري هتي جاپان بابت خيرسگالي جو جذ??و موجود آهي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جاپان پاڪستاني معيشت خاص طور تي زراعت، آٽو موبائيل، ٽيڪن??لا??ي ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن ۾ دستياب ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جاپان حڪومت جي قرضن جي ادائيگين کي ملتوي ڪرڻ جي فيصلي ۽ ڪوويڊ 19 کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي ساراهي ٿو.
پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت