اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وب?? جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کا?? وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ان کا??پوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 48 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? جي 2 هز??ر 435 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 48 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 44 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 1 مريض گهر ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيو. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کا?? ملتان ۾ 42 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 39 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 38 هز??ر 369 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هز??ر 461، پنجاب ۾ 14 هز??ر 804، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هز??ر 581، اسلام آباد ۾ 4 هز??ر 492، بلوچستان ۾ 500، گلگت بلتستان ۾ 312، آزاد ڪشمير ۾ 219 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 53 هز??ر 828 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏ??ن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 300 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هز??ر 124 آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری