اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار انٽرويو ڏئي مڪمل طور تي پاڻ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي?? تحريڪ انصاف جو سدائين موقف رهيو آهي ته هن منظم طريقي سان مني لانڊرنگ ڪئي، شريف فيمل?? جي غيرقانوني طريقي سان اثاثا وڌائڻ ۾ پڻ اسحاق ڊار جو ڪردار رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪست??ن پيپلزپ??رٽ?? گذريل 40 سالن کان واريون وٺنديون آهن، انهن ماڻهن عوام جي ڪا خدمت ناهي ڪئي، ٻنهي پ??رٽ??ن ٻنهي هٿن سان قومي ناڻي کي ڦري پنهنجا اثاثا وڌايا ۽ ملڪي معيشت تباهه ڪئي. شبلي فراز چيو ته اڳوڻن حڪمرانن هر دور ۾ قانون کي غلط استعمال ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک