اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڇنڇر ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪ??اڪن ??وران ڪورونا جي 584 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪ??اڪن ??وران 3 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، گذريل 24 ڪ??اڪن ??وران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 46 آهي، گذريل 24 ڪ??اڪن ??وران 28 هزار 724 ڪ??رونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 42، پنجاب ۾ 10 هزار 211، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 210، اسلام آباد 2 هزار 622، بلوچستان 895، گلگت بلتسان ۾ 397 ۽ آزاد ڪش??ير ۾ 237 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 88 هزار 536 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي تعداد 3 لک 955 آهي جنهن مان آزاد ڪش??ير ۾ 2 هزار 389، بلوچستان 13 هزار 401، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 164، اسلام آباد ۾ 15 هزار 862، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 862، پنجاب ۾ 97 هزار 602، سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 675 مريض آهن.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ