اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي صه جي حوالي سان هتي منعقد ٻن ڏينهن واري رحمت اللعالمين ڪانفرنس جي آ??ري سيشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هتي سڄي دنيا ک??ن آيل عالمن ڪيترائي مقالا پڙهيا آهن پر منهنجو ان حوالي سان علم محدود آهي ۽ پنهنجي محدود علم موجب پنهنجي اهڙن خيالن جو اظهار ڪندس. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن هڪ مقرر جي تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته حضور صه سدائين سٺا نالا رکرائيندا هئا ۽ اهو فرمائيندا هئا ته انسان جي نالي جو ان جي زندگي تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا