اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان ۽ شيخ رشيد 20 ڪروڙ عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪري رهيا آهن، نواز شر??ف کان استعيفيٰ گهرندڙن وٽ هڪ ئي رستو آهي ته اهي 20 ڪروڙ پاڪستانين جي سامهون وڃي پنهنجو موقف رکن، جيڪڏهن 20 ڪروڙ جي جي آءِ ٽي اسان کي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو ته اسان بنا ڪنهن پڇڻ جي گهر هليا وينداسين. اس??ام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف اسان تي عدليه جي توهي?? جو الزام هڻن ٿا جڏهن ته اهي پاڻ ادارن جي خلاف اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪن ٿا.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ