بيجنگ – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو اڳوڻو وزيراعظم لي ڪي چيانگ خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات دل جو دور?? پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. هو چين جي حڪمران ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 17 هين، 18 هين ۽ 19 هين سينٽر?? ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر رهيو. چيني خابرو اداري جي رپورٽ مطابق هو چين جي شهر شنگهائي ۾ رهندو هو. سندس عمر 68 سال هئي. کيس خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات دل جو دورو پيو. سندس جان بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي پر رات 12 لڳي 10 ??نٽ?? تي سندس وفات ٿي وئي.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ