تهران_06 سيپٽمبر(اي پي پي) سعودي عرب جو نئون سفير عبدالله بن سعود الغزي پنهنجو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ايران پهچي ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موهب سعودي سفير ايران پهچڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي حڪومت ٻنهي ملڪن وچ ۾ لڳاپن ک?? ن????ن منزلن تي ڏسڻ جي خواهشمند آهي، هن چيو ته ٻئي ملڪ خطي ۾ امن استحڪام ، ترقي ، خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مددگار اقتصادي وسيلن جا مالڪ آهن. سعودي سفير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب ، ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفادن کي اهميت ڏين ٿا، سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جو ويزن 2030 هر قسم جي سهڪار تي عمل درآمد جو روڊ ميپ آهي جنهن جي بنياد تي ٻئي ملڪن واضع حڪمت عملي هيٺ سهڪار کي هٿي وٺرائي سگهن ٿا. واضع رهي ته سعودي عرب ۽ ايران ما??چ ۾ سفارتي لڳاپا بحال ڪرڻ ۽ پنهنج?? سفارتخانا ٻيهر کولڻ تي اتفاق ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa