اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت کان مٿانهان قتل کي ??ند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خ??اف طاقت جي انڌاڌند استعمال کان پاسو ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هن عيد تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جي ڀينرن ڀائرن ??ي هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جي خ??شين ۾ شرڪت کان روڪيو ويو. هن چيو ته قابض عملدارن سرينگر جي تاريخي ??ام?? مسجد ۽ مرڪزي عيدگاهه ۾ عيد جي نماز جي ادائيگي تي پابندي لڳائي ڇڏي، ??ام?? مسجد جي مهتمم ۽ ناليوارو ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق آگسٽ 2019ع کان مسلسل گهر ۾ نظربند آهي ۽ هو 200 کان وڌيڪ هفتن کان ??ام?? مسجد ۾ جمعي جي اجتماعن کي ??طاب نه ڪري سگهيو. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته مير واعظ عمر فاروق کي ??زاد ڪيو وڃي ۽ ڪشميرين تي ه??يل انهن پابندين کي ??تم ڪيو وڃي جيڪي انهن کي ??زادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي اسان ڪشميري نوجوان اڳواڻ برهان مظفر واني کي پڻ ياد ڪريون ٿا، جنهن جي ستين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائي ويندي. برهان واني انهن سوين ڪشميري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارتي قابض فوج جي ه??ان عدالت کان مٿانهون قتل جو نشانو بڻيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي مقامي تحريڪ آزادي جي آواز جي طور تي ان کي ??راج عقيدت پيش ڪندي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خ??اف طاقت جي انڌانڌند استعمال کان پاسو ڪري.
پاڪستان پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند استعمال کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد