اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ عمران نيازي جي نئين چال جي پٺيان بُرن ارادن بابت ??ير غلطي نه ڪري، هڪ ڀيرو ٻيهر هو 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ”حقن جي خلاف ورزي“ جا گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي. هن چيو ته مون کي ان جي حرڪتن تي ڪو تعجب نه آهي. هن چيو ته جيڪو شخص مسلسل رياست?? ادارن جي خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪري، ماڻهن کي تشدد تي اتساهي، رياستي علامتن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪري ۽ شهيدن جي يادگارن کي ڪيرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي غلط معلومات پکيڙيندڙن جي صدارت ڪئي جن ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ ج??لي خبرن جو طريقيڪار اختيار ڪيو، ان بابت سڀ ڪجهه نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ آهي.
عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا