اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ عورتن جي 50 سيڪڙو آبادي کي ڪاروبار، واپار ۽ خدمتن جي شعبي ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ انهن کي معياري تعليم، هنر، صحت، خوراڪ، مالي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ، وراثتي ملڪيت جي حقن جي تحفظ ۽ ڪ?? ڪرڻ جي جڳهه تي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراه?? ڪري راغب ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ گڏيل قومن جي عورتن جي تعاون سان حراست جي خاتمي بابت وفاقي مح??سب سيڪريٽريٽ جي سالياني رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. صدر سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ افسوس ۽ دعا ڪئي. تقريب جي شرڪت ڪندڙن ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي. تقريب ۾ هراسمينٽ جي خاتمي واري وفاقي مح??سب ڪشمالا خان، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي عورتن بابت ڪنٽري ريپريزنٽيٽو شرميلا رسول، ڪنٽري ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف پيس آمريڪا عدنان رفيق پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ سفارتي برادري، صحافين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي مح??سب ڪشمالا خان ۽ ٻين سان گڏ سالياني رپورٽ جاري ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اس??ن ج?? سماجي ۽ ثقافتي رويا، عورتن جي حقن بابت تعصب، انهن جي معاشي ۽ مالي خودمختياري، نفعو ڏيندڙ ملازمت، اس??ن جي اخلاقي مذهبي قدرن ۽ اسلامي تعليم موجب صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي جن ۾ ٻنهي مرد عورتن جي لاءِ برابر تعليمي موقعا فراه?? ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي ۽ انهن کي نفعو ڏيندڙ ملازمت حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، حضرت خديجه رضه ان جي لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي جيڪا ڪامياب واپاري عورت هئي. هن چيو ته عورتن کي فعال بڻائي ڪاروبار، واپار ۽ خدمتن جي شعبي ۾ برابر موقعا فراه?? ڪرڻ ۽ انهن جي ڀرپور صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن کي ڪ?? ڪرڻ واري جڳهه تي محفوظ ۽ سازگار ماحول فراه?? ڪرڻ ۽ ضروري مثبت قدمن ذريعي ملڪي معيشت ۾ انهن جي شموليت ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جون رڳو 24 سيڪڙو عورتون ملڪي معيشت جي روايتي ۽ غيرروايتي شعبن ۾ ڪ?? ڪري رهيون آهن، اها مردن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ شرح آهي جن جو حصو معيشت ۾ 90 سيڪڙو آهي. هن چيو ته ڪو به ملڪ عورتن جي مڪمل شموليت کانسواءِ سماجي ۽ معاشي ترقي نه ٿو ڪري سگهي، عورتن سان پاڪستان جي آئين ۽ اسلام موجب برابر شهري جو سلوڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته وراثتي ملڪيت ۾ عورتن کي حقن کان مح??وم رکڻ کان روڪڻ جي لاءِ عورتن جي پنهنجي وراثتي زمين پنهنجي خاندان جي ڪنهن به شخص کي رضاڪاراڻي طور تي حوالي ڪرڻ جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پروفيشنل ڪاليجز ۾ 80 سيڪڙو عورتون داخلا وٺن ٿيون جڏهن ته سماجي ۽ گهريلو پابندين جي ڪري انهن جي ملازمت حاصل ڪرڻ جي شرح تمام گهٽ آهي، حڪومت گهرڀاتين ۽ پاڻ عورتن جي گڏيل ڪوششن سان ان رجحان کي ترجيحي بنيادن تي خت?? ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هن صنعتي ۽ خدمتن جي شعبي تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ادارن ۾ حراسگي کان پاڪ ماحول فراهم ڪن ته جيئن انهن جي گهر جون عورتون ۽ ٻيون ملازم عورتون انهن جي ڪمپني ۽ ملڪ جي لاءِ منافعو حاصل ڪري سگهن. صدر عورتن کي انهن جي درن تي انصاف فراه?? ڪرڻ جي لاءِ پشاور، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آفيسون قائ?? ڪرڻ تي وفاقي مح??سب کي ساراهيو. هن سخت محنت، عزم ۽ اپيلن جي اندراج، بيانن ۽ ثبوت رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي اس??عمال ۾ آڻڻ تي پڻ وفاقي مح??سب کي ساراهيو. ان قدم جي ڪري ڪيسن جو انگ 2018ع کان 2022ع دوران 5 هزار تائين پهچي ويو آهي جيڪو 2010ع کان 2018ع دوران 500 هو. صدر چيو ته وفاقي مح??سب معاشري ۾ عورتن جي تعليم جي اهميت، انهن جي ڪردار ۽ انهن جي وراثتي حقن ۽ ڪ?? ڪرڻ واري جڳهه تي حراسگي بابت مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ج??ري رکي.
پاڪستان جون رڳو 24 سيڪڙو عورتون ملڪي معيشت جي روايتي ۽ غيرروايتي شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania