انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ت??ڪي بئنڪاري، ڪسٽمز، زراعت ۽ لاجسٽڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار بابت معاملن جي حل لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ بابت گڏيل ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ت??ڪي جي وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي معاهد?? کي جلدي حتمي شڪل ??يڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ??يڻ جا نوان موقعا کلندا، ڪاروباري برادر?? کي پنهنجا رابطا وڌائڻ گهرجن ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن تر?? واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ ت??ڪي جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ سگهه ??يڻ ۽ ڪاروباري، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آ??ڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سندس ت??ڪي جي دوري جو مقصد واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي ڌيان ڏيندي ت??ڪي جي ڪاروباري برادري سان رابطن کي فروغ ??يڻ آهي. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف شين جي واپار جي معاهد?? کي جلد حتمي شڪل ??يڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، جنهن سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ??يڻ جا نوان موقعا کلندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معيشت کي فائدو ٿئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ت??ڪي جي وچ ۾ رابطي جي منصوبن خاص طور تي اسلام آباد – تهران – استنبول (آءِ ٽي ٽي) ڪارگو ٽرين ٻنهي ملڪن جي واپارين کي موثر ۽ تيزي سان ڪاروبار ڪرڻ لاءِ اضافي موقعا ميسر ايندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادر?? کي پنهنجي نيٽ ورڪنگ کي وڌائڻ گهجي ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. ملاقات ۾ ت??ڪي جي واپار واري وزارت ۽ پاڪستان جي واپار واري وزارت جي تعاون سان هڪ گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن لاجسٽڪس، بئنڪنگ، ڪسٽمز ۽ زراعت سميت ٻطرفي واپار بابت معاملن جو احاطو ڪرڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪري سگهجي. ترڪ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر مهمت موش ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي حقيقي صلاحيت جو ادراڪ ڪرڻ تي وزيراعظم سان اتفاق ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي معاهدي کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور، ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ