اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شيشپر گليشيئر ڍنڍ مان پاڻي خارج ٿيڻ سان ٿيندڙ تباهي تي هنگامي ??دمن جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم متاثر علائقن ۾ خوراڪ، دوائون ۽ ضروري هنگامي س??مان پهچائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم وفاقي ادارن کي گلگت بلتستان جي حڪومت جي ڀرپور معاونت جو حڪم ڏيندي نقصانن ۽ متاثر عوام جي حوالي س??ن رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم شاهراهه قراقرم تي حسن آباد پل ڪري پوڻ سبب متبادل رستو اختيار ڪرڻ، زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي نظام جي تباهي س??ن نقصانن، 2 بجلي گهر متاثر ٿيڻ جو ڪاٿو لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪندي 700 ۽ 250 مي??اواٽ بجلي گه??ن جي جنگي بنيادن تي بحالي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي گه??ن جي بحالي، مرمت تي خرچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي، شاهراهه قراقرم کي ٿيندڙ نقصان بابت پڻ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثر عوام جي ڀرپور هنگامي ??دد ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراعظم متاثر خاندانن سان نقصانن تي همدردي ۽ افسوس ج?? اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران شيشپر گليشيئر ڍنڍ مان پاڻي خارج ٿيڻ سان ٿيندڙ تباهي تي هنگامي قدمن جو حڪم
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa