اسلام آباد / حافظ آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??زيراعظم عمران خان آچر تي حافظ آباد ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو، وزيراعظم عمران خان آچر ڏينهن حافظ آباد جو دورو ڪندو ۽ حافظ آباد ۾ سڀ کان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب پڻ ڪندو. حافظ آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حافظ آباد ۾ هڪ يونيورسٽي ۽ اسپتال قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ حافظ آباد ضلعي ۾ اربين رپين جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آه??. م??الف ڌر تي تنقيد ڪندي هن چيو ته ??افيا پاڪستان جو هر هڪ ادارو کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ??اضي جي حڪمرانن ٻاهرئين ملڪ اربين رپين جون پراپرٽيون ٺاهيون. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته ??واز شريف، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري پنهنجي غيرقانوني دولت کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ??اضي جو حڪمران طبقو قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي ۽ هر شخص ڄاڻي ٿو ته ??يمو گيٽس اسڪينڊل ۾ آصف علي زرداري ڪهڙي ملڪ کان مدد طلب ڪئي هئي. مملڪتي وزير چيو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته ??خالف ڌر ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿي. فرخ حبيب چيو ته ??اڪستان تيزي سان ترقي جي رستي تي گامزن هو پر مخالف ڌر کي ملڪ جي اها ترقي هضم نه ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. فرخ حبيب چيو ته ??زيراعظم عمران خان قومي دولت چوري ڪري ملڪيتون ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ نه آيو هو. هن چيو ته ??اضي ۾ پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ڪيا ويا جڏهن ته ??زيراعظم عمران خان قوم کي ڪنهن جي آڏو جهڪڻ جي اجازت نه ڏني آهي. هن چيو ته اسان سمورن ملڪن سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر قومي وقار تي ٺاهه نه ڪنداسين. مملڪتي وزير چيو ته ??خالف ڌر غلاماڻو ذهن رکندڙ آهي جيڪا عالمي برادري آڏو ڳالهائي به نه ٿي سگهي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته ??زيراعظم عمران خان پوري دنيا ۾ بهادري سان پاڪستان جي عزت ۽ احترام ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ??ن وقت پوري دنيا کي ناڻي واڌ درپيش آهي. تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪيون آهن. فرخ حبيب چيو ته ??ختلف معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي ملڪ صحيح ر?? ۾ ??ڳتي وڌي رهيو آهي جن بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي آهي اهي سمورا بدعنوان آهن.
وزيراعظم عمران خان آچر تي حافظ آباد ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : loteria estadual