اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ 17 جنوري 2022ع تي ابوظهبي ۾ شهري سهولتن جي مرڪ?? تي حوثي ويڙهاڪن جي المناڪ دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ متحده عرب امارات جي قيادت، حڪومت ?? عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته اهڙن حملن جو ڪو به جواز نه آه?? ۽ اهڙن حملن کي فوري ر??ڪڻ جي ضرورت آه?? جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ شديد خطرو آه??. وزيراعظم ان حملي جي متاثرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد محمد بن زيد وزيراعظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جي اظهار تي ان جو ٿورو ادا ڪندي ان المناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جي ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد کي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام