اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير سيد فخر امام ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم کي ڪ??هه، ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي فصل جي پيداوار جي حوالي سان هن وقت تائين جي حوصلا افزا رجحانن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 30 سيپٽمبر 2021ع تائين پاڪستان ڪپهه ۾ 38.5 ملين ڳٺڙين جي پيدوار حاصل ڪئي آ??ي، جڏهن ته گذريل سال انهي مدي دوران 27 ملين ڳٺڙيون حاصل ٿيون،
وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسان ڪ??ڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ گذريل سال جي پيداواري انگ اکر ترتيب وار 27.5 ملين ٽن، 8.4 ملين ٽن، 81 ملين ٽن ۽ 8.4 ملين ٽن کان اڳتي وڌڻ جي راهه تي گامزن آهيون. وزيراعظم خوراڪ واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جيڪا انب ۽ ليمون ميوون (سٽرس فروٽ) جي برآمد ۾ رڪارڊ برآمدي هدف ترتيبوار 150 ??زا?? ٽن ۽ 463 ??زا?? ٽن حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم زراعت جي شعبي ۾ تاريخي واڌ نمو ۽ برآمدي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي ڪ??ششن کي ساراهيو.