اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ??رڻ جي سلسلي ۾ آگاهي مهم شروع ??رڻ ۽ ان لعنت کي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي شاگردن جي ضرورتن جي پي?? نظر اعليٰ تعليم حاصل ??رڻ ۾ سهولت پي??ا ??رڻ جي لاءِ يونيورسٽي انفراسٽرڪچر کي معذور دوست بڻايو وڃي. هو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سموريون يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پي??يوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت ??حم??د، منشيات جي روڪٿام واري سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) اڪبر حسين دراني، انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري انعام الله خان، اين اي ايف جي عملدارن ۽ 165 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن به شرڪت ڪئي. يونيورسٽين ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام ۽ خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم حاصل ??رڻ ۾ سهولت فراهم ??رڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي جو اهو ٻيو اجلاس هو، اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل خصوصي شاگردن کي انجنيئرنگ پروگرام ۾ داخلا جي اجازت ناهي ڏني، هن چيو ته ان معاملي ۾ پروفيشنل ڪائونسلز خاص طور پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گائيڊ لائنز تي نظرثاني ??رڻ جي ضرورت آهي، هن يونيورسٽين ۾ منشيات جي باري ۾ آگاهي پي??ا ??رڻ ۽ ان جي استعمال جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي وائيس چانسلرز جي هڪ ڪميٽي جوڙجڪ ڏيڻ جي تجويز ڏني جيڪا منشيات جي استعمال جي خلاف مهم جي لاءِ آگاهي مواد تيار ڪندي. هن شاگردن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ والدين سان ويجها رابطا قائم ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
يونيورسٽين ۾ منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس