اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪرپشن تي ڪريڪ ڊائون پرڏيهي سيڙپڪار تي ڌيان ۽ ڪاروبار ۾ سهولت اسان جي معاشي ??اليسين جا ٽي اهم جز آهن، حڪومت هڪ مهيني ۾ جنهن تيز رفتاري سان ڪم ڪيو آهي ان جو مٿال 70 سالن ۾ نٿوملي، ڪيتري معلومات پهرين کان موجود هئي پر ان جو نوٽيس گذريل دور ۾ نه ورتو ويو، احتساب کانسواءِ ملڪ اڳيان نٿو وڌي سگهي ، هو پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر سان پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو، اطلاعات واري وزير چيو ته لنڊن ۽ دبئي ۾ پاڪستانين جون 10 هزار کان وڌيڪ جائيدادون آهن، دبئي ?? ٽن هائوسنگ سوسائيٽين جا مڪمل تفصيل اچي چڪا اهن 10 هزار مان 895 جائيدادن جي فهرست ??دا ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : بونانزا