اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي، ملڪ ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڪي ڳجها ٺڪاڻا نه آهن، دهشتگردي خلاف دنيا جي ??ڀ کا وڏي جنگ وڙهي رهيا آ??يون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم ??يو ته بحران، مشڪلاتون ۽ چئلينجز ايندا رهندا آ??ن، حڪومت جو ڪم انهن جو مقابلو ڪرڻ آهي ۽ اهو اسان ڪري رهيا آ??يون، گڏيل قومن جون جيڪي به قراردادون ??هن اسان انهن جي مڪمل تعميل ڪريون ٿا، حڪومت سمورن مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي خطرا نه ??هن پر مسئلا آ??ن جن جو اظهار مختلف فورمن تي ڪجهه ملڪن ڪيو آهي جنهن جو پاڪستان وڏو واضح جواب به ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسان جو ان حوالي سان جواب وڏو واضح آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڳجها ٺڪاڻا نه ??هن ۽ نه ئي پاڪستان ڪنهن قسم جي دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿو پر پاڪستان ته هن وقت دهشتگردي جي خلاف دنيا جي ??ڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي.
پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena