گڏيل قومون – 30 مارچ (اي پي پي ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي انصاف جي عالمي عدالت کان ??المي گرمي پڌ ۾ اضافو روڪڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي قانوني ذميوار??ن ج?? خاڪو تيار ڪرڻ جي اپيل تي ٻڌل قرارداد وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي آهي. فرانسيسي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ان ??اريخي قدمن کي ماحولياتي انصاف جي تحريڪ جي اهم ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي جنهن تحت آلودگي ۾ اضافي جي ذميوار ??ڏن ملڪن تي دٻاءُ ۾ اضافي جي راهه هموار ??يندي. قرارداد ۾ انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي ) کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو زم??ن جي آبهوا جي تحفظ لاءِ گڏيل قومن جي ذميوارين ۽ قانوني ن??يجن جو تعين ڪري. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو ته اوهان ??ڀ گڏجي تاريخ لکي رهيا آهيو، هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته جيڪڏهن غير پابند به هجي ته انصاف جي عالمي عدالت جي راءِ، جنرل اسيمبلي، گڏيل قومن ۽ ميمبر ملڪن کي جرئتمنداڻي ۽ مضبوط موسمياتي قدم کڻڻ ۾ مدد ملندي ڇاڪاڻ ته اسان ??ي دنيا کي ان ??ي سخت ضرورت آهي.
عالمي گرمي پد ۾ اضافو روڪڻ، گڏيل قومن جي قانوني ذميوارين جو خاڪو تيار ڪرڻ جي اپيل تي ٻڌل قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک