اسلام آباد– 23 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن و??ري وفاقي وزير خسرو بختيار چيو آهي ته 20-2019ع جو ترقياتي بجيٽ 1837 ارب رپين ج?? هوندو جنهن مان ايندڙ مالي سال جو وفاقي ترقياتي بجيٽ 925 ارب جڏهن ته صوبن ج?? حصو 912 ارب هوندو. موجوده حڪومت معيشت جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، هي اسان ج?? حڪومت جو پهريون پي ايس ڊي پي آهي، شديد مالي ڏُکيائين باوجود ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ ڪجهه نَون ۽ اهم سيڪٽرن لاءِ رقم مخصوص ڪئ?? وئي آهي جنهن ۾ ڪلين گ??ين پاڪستان، موسمياتي تبديلي، ناليج اڪانامي، انساني ترقيءَ جي وسيلن، زراعت جي ترقي ۽ علائقائي هڪجهڙائي ترقياتي پروگرام شامل آهن. اهڙو اظهار هن سالياني رٿابندي، رابطا ڪميٽي (اي پي سي سي) جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری